غازي حضور شاهه جو ساليانو عرس، صوفياڻي محفل منعقد

مبارڪپور (قربان علي مهر) ڳوٺ نوازو جاگير ۾ سيد غازي حضور شاھ جو 10هون ساليانو عرس مبارڪ نھايتي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو جنھن ۾ ساداتن صوفن شاھ، مختيار شاھ، قطب شاھ، سخاوت شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عرس جي تقريب سانگھڙ کان آيل درگاھ غازي محمد انور علي شاھ جي گادي نشين غازي محمد عرفان علي شاھ ۽ صاحبزاده غازي سيد سخاوت علوي جن درگاھ مٿان چادر چاڙھي ڪئي. عرس تقريب جي محفل ۾ سنڌ بلوچستان جي مشھور نعت خوانن عنايت الله قادري ، احسان علي شاھ ، سيد ناظم شاھ ، حافظ مير ھزار ۽ ريڊيو ٽي وي جي مشھور صوفي فنڪار خادم ديوانا ۽ سکر کان آيل فنڪار سھيل عباسي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو. صوفياڻي محفل صبح تائين جاري رھي. تقريب جو اختتام درگاھ جي گادي نشينن سيد عالم شاھ، محمود شاھ دعا گھري ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو