ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪياماڙي پوليس هڪ عورت کي قتل ڪري سندس لاش سمنڊ ۾ اڇلائيندڙ فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايس ايس پي جاچ ڪياماڙي اظهر جاويد موجب، سال 2022 ۾، عورت نصيب زرينا ڪجهه سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتي هئي ۽ گم ٿي وئي هئي.ايس ايس پي چيو ته عورت جي لاش ٻئي ڏينهن بابا ڀٽ ٻيٽ جي ويجهو سمنڊ ۾ ملي هئي. عورت جي قتل جو ڪيس نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڊاڪس پوليس اسٽيشن جي جاچ ٽيم ملوث جوابدارن کي ڳولي لڌو ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٻيو جوابدار رحمان بلال پرڏيهه فرار ٿي ويو هو.هن وڌيڪ چيو ته جوابدار رحمان کي ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڳولي لڌو ويو ۽ پرڏيهه مان واپسي تي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو.










