ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ )عورت فائونڊيشن پاران جيم خانه مڪلي ۾ “جھموريت ۽ با اختيار عورت” ۽ “عورت قيادت اسيمبلي” جي عنوان سان هڪ پُر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ريزيڊنس ڊائريڪٽر ميڊم مهناز رحمان، پروگرام مينيجر ميڊم ملڪا، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي فوڪل پرسن ۽ تعليم کاتي جي هيڊ ماستر محمد حسن سومرو، کان علاوه زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن حصو ورتو جڏهن ته تقريب جو خاص مهمان ٺٽي سان تعلق رکندڙ کدڙو فقير بابلي هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مقررن چيو ته اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآليه وسلم ۽ دين و اسلام پڻ عورت کي وڏو درجو ۽ مقام ڏنو آهي. هنن چيو ته عورتن جي سياسي عمل ۾ شرڪت جمهوريت جي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته عورتن جي سياسي عمل ۾ شموليت کان سواءِ جھموريت جو تصور نا ممڪن آهي. مقررن چيو ته تاريخ ۾ اهڙين عورتن جن ۾ محترمه فاطمه جناح، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان علاوه سنڌ جي پهرين عورت حُڪمران زينب سومرو هئي جنهن سنڌ تي 1089ع کان 1099ع تائين حڪومت ڪئي جن جي دل ۾ عورتن جي حقن جو احساس ۽ فڪر هوندو هو. هنن چيو ته هن پروگرام جو اصل مقصد سياسي عمل ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ کين معاشري ۾ برابري جي بنياد تي سمورا حق ڏيارڻ آهي. مقررن چيو ته معاشري ۾ عورت کي وڏو مقام حاصل آهي، اهو ئي سبب آهي جو نياڻيءَ کي ست قُرآني به تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ وري ٻي پاسي هن ئي معاشري ۾ عورت کي ڪاري ڪري ماريو به وڃي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن کي به پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن هو هڪ با شعور ۽ با اختيار بڻجي پنهنجا فيصله پاڻ ڪري سگھن. هنن چيو ته عورتن کي سندن بنيادي حق ملڻ گھرجن ان جو هر گز اهو مقصد ناهي ته هو مردن جي خلاف آهن. مقررن چيو ته شهرن ۾ عورتون هر فورم تي معاشري ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جڏهن ته پُٺتي پيل علائقن ۾ عورت کي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي. مقررن چيو ته اليڪشن ڪميشن، نادرا سان گڏجي عورتن جي ووٽ جي داخلا بابت ڪم ڪري رهي آهي. هُنن افسوس جو اظهار ڪيو ته گذريل وقت ۾ عورتن جي ترقي لاءِ دعوائون ڪيون ويون پر عملي طور تي ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته پاڪستان زرعي مُلڪ آهي ۽ عورتن جي زياده آبادي جو زراعت ۾ اهم ڪردار آهي، هنن چيو موجوده سنڌ حڪومت پاران عورتن جي صحت بابت سنڌ اسيمبلي مان اڳ ئي قانون پاس ٿي چڪو آهي جڏهن ته گذريل سال سنڌ اسيمبلي اهو پڻ قانون پاس ڪيو آهي ته سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي پڻ اهي ئي فائده ملڻ گھرجن جيڪي پهرين صرف صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙن کي ملندا هئا. هنن چيو ته عورتن کي اهو پڻ فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ گھرجي ته هو ووٽ پنهنجي مرضيءَ سان ڪاسٽ ڪن. ان موقعي تي ميڊم شهناز پاران مطالبه ڪندي حڪومت کان گُهر ڪئي وئي ته صوبائي سطح تي جلد ۽ مقامي حڪومتن جي سمورين سيٽن تي سڌو سنئون اليڪشن ڪرائي وڃي، مقامي حڪومتن کي هر سطح تي عورتن جي سيٽن جي مخصوص ڪوٽه ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ان سيٽن تي عورتن لاءِ اليڪشن جو سڌو سنئون طريقه ڪار مختص ڪيو وڃي. مقامي حڪومتن ۾ ضلعي سطح تي مزدور، اقليتن، معذور ماڻهن، ٽرانس جينڊر ۽ نوجوانن جي گھٽ ۾ گھٽ هڪ هڪ مخصوص سيٽ کي يقيني بنائڻ سميت ٻيا مطالبه پڻ پيش ڪيا. آخر ۾ منتظمين پاران آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ويو










