اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايندڙ هفتي پيٽروليم شيون في ليٽر 15 روپين تائين مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل 5 ڊالر في بيرل مهانگو ٿي چڪو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جون قيمتون مهانگيون ٿيون آهن جنهن سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خدشا جنم وٺي رهيا آهن.
