عملي جي غفلت، ٻارڙو فوت، وارثن جو احتجاج

ٽنڊومحمد خان (لال بخش سٺيو) حبيب ٽائون جو رھواسي عابد علي پنھنجي ھڪ سالا پٽ عزيز علي کي کڻي علاج لاءِ ٽنڊو محمد خان اسپتال پھتو ته عملي جي غفلت سبب فوت ٿي ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن احتجاج ڪندي  چيو ته اسين رات جو اسپتال ۾ پنھنجي ٻارڙي جو علاج ڪرائڻ لاءِ آياسين ته ڊاڪٽر پاڻي واري بوتل لڳائيندي چيو ھاڻي اوھان کي گھر وڃڻ جي اجازت آھي .جڏھن اسين گھر پھتاسين ته اسان جي ننڍڙي جي طبعيت خراب ٿي پئي. اسان ٻيھر واپس ساڳئي اسپتال آياسين ته ڊاڪٽر ستل ھو ۽ اسان جو ٻارڙو وڌيڪ طبيعت خراب ھئڻ ڪري فوت ٿي ويو. فوتي ٻارڙي جي وارثن وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس، وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته مذڪورہ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو