عمر فاروق جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج

عمر فاروق جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گهرو وزارت دبئي جي ارب پتي واپاري عمر فاروق ظهور جو نالو ايگزٽ اينڊ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.پاڪستان حڪومت عمر فاروق ظهور جو نالو انٽرپول جي موسٽ وانٽيڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڳوڻي احتساب صلاحڪار شهزاد اڪبر جي دور ۾ ايف آءِ اي عمر فاروق ظهور خلاف هاءِ پروفائل جاچ شروع ڪئي هئي ۽ اداڪارا صوفيه مرزا جي درخواست تي انٽرپول عمر فاروق جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا هئا.ذريعن موجب شهباز حڪومت عمر فاروق ظهور خلاف جاچ ڪئي جنهن ۾ کيس بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو