عمرڪوٽ(رپورٽر)عمرڪوٽ پلاٽ جي مالڪيءَ جو تڪرار، عدالتي حڪم تي پوليس غريب محنت ڪش خاندانن کي گهرن مان بي دخل ڪري ڇڏيو، عورتن ۽ ٻارن جون مدد لاءِ دانهن ڪوڪون، نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو۔ تفصيلن موجب عمرڪوٽ شهر ۾ سلطان چوڪ ويجهو عدالتي حڪم تي پوليس ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن ڪارروائي ڪندي بستي ۾ رهندڙ سولنگي برادري سان واسطو رکندڙ 20 کان وڌيڪ غريب محنت ڪش خاندانن کي سندن گهرن مان زبردستي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ گهرن جو گهريلو سامان ڪڍي روڊ تي رکي ڇڏيو ويو آهي۔ پوليس ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل پلاٽ سيد برادري جي هڪ شهري جي ملڪيت آهي ۽ هنن عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي آهي۔متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته هو گذريل هڪ سئو سالن کان هتي رهائش پذير آهن، جنهن جا شهرين وٽ شاهد موجود آهن، ۽ پلاٽ تي قبضي جي نيت سان کين بي دخل ڪيو پيو وڃي۔ هن موقعي تي مدد لاءِ دانهن ڪوڪون ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو آهي۔متاثرن الزام هنيو آهي ته مرد پوليس اهلڪارن سندن گهرن تي چڙهائي ڪندي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، باپردهه عورتن ۽ ٻارن تي بدترين تشدد ڪيو ۽ سندن تذليل پڻ ڪئي وئي۔ هنن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو پاڻ کي باهه ڏئي خودسوزي ڪرڻ تي مجبور ٿيندا۔ هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ عمرڪوٽ ۾ اڳوڻي اقليتي ايم اين اي لال مالهي جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ سولنگي برادري ۽ انهن جي عورتن سان جيڪو ظلم ۽ بربريت اڄ ٿي آهي، اهو عمرڪوٽ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. اڄ عمرڪوٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي ۽ هر اک اشڪبار آهي. ماڇي برادري سان ظلم ٿيو آھي ڏاڍ ۾ ڀوتار وڏيرا شامل آھن، سڀاڻي عمرڪوٽ ۾ ھڙتال ڪئي ويندي، ماڇي برادري جي عورتن مردن ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو آھي، ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا شئي نظر نٿي اچي، عمرڪپٽ جو عوام سڀاڻي شٽربند ھڙتال ڪري مڪمل طور ڪاروبار بند رکن .
عمرڪوٽ واقعو، تشدد واري واقعي جي مگسي پاران ۾ مذمت
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي عمرڪوٽ ۾ نياڻين سان پيش آيل توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ، ڏکوئيندڙ ۽ انساني قدرن جي ابتڙ آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو قانوني معاملو هو ته به ان جي نالي تي عورتن، ٻارن يا مردن جي تذليل ڪرڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ نه صرف غير اخلاقي عمل آهي پر انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي پڻ آهي. قانون جي عملداري جو مطلب ڏاڍ، تشدد ۽ هراس نه، پر انصاف، وقار ۽ انساني احترام سان قانون لاڳو ڪرڻ آهي. جيڪڏهن رياستي ادارا پاڻ ئي قانون جي روح جي خلاف عمل ڪندا ته عوام جو اعتماد متاثر ٿيندو. چيئرمين سنڌ ترقي پسند پارٽي مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختيارين کي فوري طور تي واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف، غيرجانبدار ۽ آزاد انڪوائري ڪرائين. هن زور ڀريو ته جيڪي به عملدار يا فرد هن واقعي ۾ ملوث هجن، تن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته سولنگي برادري جي متاثر خاندانن سان مڪمل انصاف ڪيو وڃي، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ قانوني سهڪار مهيا ڪندي پوليس پاران داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. سنڌ ترقي پسند پارٽي واضع ڪري ٿي ته اهڙن واقعن خلاف آواز بلند ڪرڻ هر ذميوار شهري جو فرض آهي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن هر اخلاقي ۽ قانوني مدد ڪندي .
نياڻين سان توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪيان ٿو: اياز لطيف
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمرڪوٽ ۾ ڏھاڪن کان آباد غريب ماڇي برادري جي خاندانن کي لڏائڻ ۽ نياڻين سان توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو تہ ڪنھن کي بہ ڪنھن زمين يا جاءِ تان اٿارڻ لاءِ يا تہ ٽريس پاس يا اليگل ڊسپزيشن جو ڪو ڪيس ۽ فيصلو ھئڻ گهرجي يا سول ڪورٽ جي سوٽ فار پزيشن جو فيصلو لازمي آھي. عدالتي فيصلي ھئڻ جي صورت ۾ بہ تشدد، بيحرمتي يا توھين جي ھرگز اجازت ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن معاملي ۾ تہ نہ ڪو عدالتي فيصلو ظاھر ٿيو آھي نہ ڪا جانچ رپورٽ موجود آھي. ڪئي نسلن کان آباد مسڪين ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان محروم ڪرڻ سراسر ظلم، ناحق ۽ ناانصافي آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس غريب ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪئي آھي. غريب ڳوٺاڻن کي گھرن کان محروم ڪرڻ غير انساني، غير قانوني عمل ۽ دھشتگردي آھي. پوليس کي ڪنھن اختيار ڏنو آھي تہ ڪو بہ جواز ڄاڻائي ماڻھن تي بدترين تشدد ڪري، توھين ڪري ۽ گھرن کان بيدخل ڪري ڇڏي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن زمين جي حوالي سان ڪو قانوني تڪرار آھي يا معاملو آھي، تڏھن بہ ان جو قانوني حل موجود آھي، قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران دشمن جي فوج ٿي ھٿين خالي ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارن تي ھٿيارن ۽ لٺين سان تشدد جو ڪنھن کي بہ اختيار ناھي. اھو سراسر ظلم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ڌاڙيلن، دھشتگردن، منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناھي. باقي جڏھن ڪنھن کاتي جا ننڍا ملازم احتجاج ڪن ٿا. ھٿين خالي ماڻھن پنھنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪن ٿا تہ انھن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪوڙا ڪيس ڪري جيل موڪليو وڃي ٿو. عمرڪوٽ جي واقعو مسڪين ماڻھن سان دھشتگردي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن معاملي ۾ تہ نہ ڪو عدالتي فيصلو ظاھر ٿيو آھي نہ ڪا جانچ رپورٽ موجود آھي. ڪئي نسلن کان آباد مسڪين ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان محروم ڪرڻ سراسر ظلم، ناحق ۽ ناانصافي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ واقعي جي فورن شفاف ۽ بي ريا انڪوائري ڪرائي وڃي، متاثر خاندانن کي فورن تحفظ فراهم ڪري نااھل عملدارن ۽ انھن جي پشت تي موجود اصلوڪن ذميدارن خلاف قانوني ڪاروئي ڪئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ ۽ ان جا ڪارڪن متاثر خاندانن ۽ نياڻين سان هر حال ۾ گڏ بيهندا ۽ کين قانوني، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي سهڪار فراهم ڪندا. پوليس جو داخل ڪيل ڪيس واپس ورتو وڃي. ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي










