پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي نغير ڪجه کائڻ جي رکي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقاتن تي پابندي رمضان ۾ ڪارڪنن کي اذيت ڏيڻ آهي ۽ ملاقاتن تي پابندي عدالتي حڪمن جي کليل خلاف ورزي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي سحري ۽ افطار لاءِ ڪجهه به نه ڏنو پيو وڃي ۽ ٻنهي کي کاڌي کان سواءِ روزو رکڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. اطلاعات صلاحڪار چيو ته حڪومت جي تيز رفتار حڪمت عملي عوام ۾ پريشاني پيدا ڪري رهي آهي.










