ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر ) ناراٿر گڏاپ واري علائقي ۾ ڪافي ٻڪريون مارڻ ۽ ماڻھن تي حملو ڪندڙ سڄي علائقي ۾ خوف جو علامت بڻيل ٽيون بگھڙ به ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ماري ڇڏيو، وائيڊ لائيف وارن جي ڪن تي جونء به ڪان ٿي چري.ديهه ناراٿر گڏاپ جي علائقي ۾ ڪافي ڏينھن کان خوف جو علامت بڻجي ڏھڪاء ڪندڙ بگھڙن جي ھڪ ٽولي مان ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ھٿيار لٺيون ڪھاڙيون ھٿن ۾ کڻي ھي ٽيون بگھڙ ماري ڇڏيو، ناراٿر واري علائقي جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪافي ڏينھن کان گڏاپ جي علائقي ۾ بگھڙن جو ھڪ ٽولو سرگرم آھي جنھن ڪافي ٻڪريون رڍون کائي ماري ڇڏيون ۽ ماڻھن جي مٿان به حملا ڪيا، انھن بگھڙن مان ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ھي ٽيون بگھڙ ماري ساٿاڻي چوڪ تي ٽنگي ڇڏيو، ڳوٺاڻن نالو نه ٻڌائڻ جي شرت تي الزام ھڻندي چيو ته اسان جڏھن پنھنجا جانور ۽ ماڻھن کي بچائڻ خاطر رات ڏينھن اجاڳا ڪري خونخوار جانور ماريا آھن، ته وائيلڊلائيف وار اسان وٽ پھچي ڏمرجي پيا، چئي ويا ته اوھان جڏھن جانور ماريو ته ويڊيو فوٽو سوشل ميڊيا تي نه آڻيو ۽ ماريل جانور کي دفنائي ڇڏيو، اسان جي نوڪرين جو مسئلو آھي،ھڪ ته اوھان اسان کان اجازت نٿا وٺو مٿان وري فوٽو ٿا ڪڍي موڪليو، ائين نه ڪيو، ياد رھي ته ڳوٺاڻن اڳئي به 2 بگھڙ پنھنجي مدد پاڻ ماري ڇڏيا آھن،










