ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي ڏک ٿيو، ڇا اوهان آئين پڙهيو آهي، ڇا اوهان کي آئين پڙهڻ ايندو آهي؟ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته صدر منظوري ڏيندو؟ بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪينال منصوبا ٺهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته 7 ڪروڙ ماڻهو ۽ انهن جي معيشت جي مسئلي کي اوهان سياست چئي رهيا آهيو؟ مان سمجهان ٿو ته ڪو عقلمند انسان اهڙو بيان نٿو ڏئي سگهي، اوهان به آئين پڙهي بيان ڏيو، اوهان جو جيڪڏهن ڪوبه وفاق سان مسئلو آهي ته اهو گهر تي ويهي حل ڪريو.شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن چٽو پيغام ڏنو ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، بلاول ڀٽو ملڪ جي مسئلن، خوشحالي ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ته اهو به چيو آهي ته چئني صوبن کي گڏجي هلڻ گهرجي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو چئي چڪو آهي ته شهباز حڪومت سان نه، عوام سان گڏ آهيون، پيپلز پارٽي هر فورم تي چولستان ڪينال منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي، 18 اپريل تي سمورن مسئلن تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪنداسين. سينئر صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ڪينالن تي سياست نه پئي ڪري، اسان اصولن تي سوديبازي نه ڪندا آهيون، اوهان انهي کي سياست سمجهو ٿا، اهو جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي.شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آهي، اسان ڪينال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين، خراب حالتن ۾ به پيپلز پارٽي ملڪ کي مضبوط ڪيو، آصف علي زرداري جي طبيعت بهتر آهي، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهن، سنڌ جي حقن لاءِ صدر آصف علي زرداري جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن به ناهي ڪيو.










