عسڪري اداري پاران 20 ڳوٺ 2 هفتن ۾ خالي ڪرڻ جو حڪم

ملير (ن س) عسڪري اداري جي آفيسرن ديهه جوريجي، ديهه ڊانڊو ۽ ديهه ڪوٽيرڙو جا 20 ڳوٺ ٻن هفتن ۾ خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي. انهن پراڻن گوٺن ۾ دودو ڪبير، محمد سالار، حاجي ڀائي خان سالار، محمد مراد سالار، محمد خان سالار، وليداد سالار، آدم سالار، منگهن جوکيو، سجاول جوکيو، دودو گهنور جوکيو، ناٿو موسيٰ بلوچ، محمد علي جوکيو مريداڻي، حاجي عيسيٰ جوکيو شامل آهن. محمد خان جوکيو، حاجي فتح محمد جوکيو، ڪريم بخش جوکيو، عبدالرحمان جوکيو، حاجي احمد جوکيو، دينار جوکيو، مورو جوکيو مريداڻي ۽ گل حسن جوکيو شامل آهن. هي سڀ جا سڀ ڳوٺ سنڌ حڪومت پاران ”سنڌ گوٺ آباد هائوسنگ اسڪيم ايڪٽ 1987“ تحت منظور ڪيل آهن ۽ مقامي ماڻهن وٽ انگريز دور جي زمينن جي الاٽمينٽ به آهي ۽ متاثر ٿيل سمورن ڳوٺن جي آبادگارن کي سروي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيل آهن. متاثر ٿيل 20 ڳوٺن جي رهواسين جو گذر بسر زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي، سڀني ڳوٺن کي سرڪاري اسڪول، روڊ، بجلي وغيره موجود آهن متاثر علائقي ۾ درجن کان وڌيڪ قبرستان به آهن. ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي آفيسرن جي ناانصافين خلاف ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن نمبر CPD-2344/2019 داخل ڪئي آهي جنهن جي ٻڌڻي جاري آهي ۽ فيصلي کان اڳ ئي عسڪري اداري ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هنن ڌمڪي ڏني آهي ته ٻن هفتن بعد ڪنهن کي هڪ سر به کڻڻ نه ڏينداسين. ياد رهي ته 1993ع ۾ سنڌ حڪومت ضلعي جي ديهه ڊانڊو ۽ ڪوٽيرڙو ۾ 13500 ايڪڙ زمين فائرنگ رينج جي مقصد لاءِ ڏني هئي جيڪا هاڻي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو