نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يويس گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.رائٽرز موجب انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يويس گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.واضح رهي ته آمريڪا گذريل ڏينهن غزه ۾ جنگبندي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو هو.15 رڪني ڪائونسل جي اجلاس ۾ 10 غير مستقل ميمبرن پاران فوري، غير مشروط، مستقل جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.آمريڪا، ڪائونسل جي مستقل ميمبر هجڻ جي ڪري، قرارداد جي خلاف ووٽ ڪندي ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو.










