عائزا خان مداحن جو مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽريءَ جي خوبصورت ۽ باصلاحيت اداڪارا عائزا خان پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي حوالي سان مداحن جو مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو.عائزا خان انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ مداحن کي ٻڌايو ته منهنجو اصل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ گيتي پرنسز جي نالي سان آهي.سندس چوڻ هو ته ٽڪ ٽاڪ تي گيتي پرنسز آفيشل جي نالي سان موجود اڪائونٽ ڪوڙو آهي، تنهن ڪري ان کي فالو نه ڪيو.واضح رهي ته عائزا خان انسٽاگرام کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ تي به ڊيبيو ڪيو آهي ۽ رڳو چئن ڏينهن ۾ سندس فالوئرز جو انگ لک جي ويجهو پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو