لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ڳائڻي ۽ اداڪار اذان سميع خان پنهنجي انٽرويو ۾ طلاق کان پوءِ جي زندگي ۽ ٻارن جي پرورش بابت کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجي ٻارن کي اڪيلو والدين طور پالي رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن طلاق کانپوءِ جي زندگي بابت چيو ته انسان جو اصل ڪردار مشڪل وقت ۾ ئي سامهون ايندو آهي ڇو ته سٺي وقت ۾ هر ڪو مثبت ڪردار ڏيکاريندو آهي.محبت ۽ ٻيهر شادي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طلاق جو مطلب اهو ناهي ته مان شادي يا محبت جي خلاف آهيان پر ظاهر آهي مستقبل ۾ پنهنجي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندس.هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته اڳ ۾ جيڪي غلطيون ٿيون اهي ٻيهر نه ورجايون وڃن.
