اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گهريلو تشدد جي تحفظ ۽ روڪٿام بابت هڪ اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ طلاق، ٻيهر شادي جي ڌمڪيون، ۽ گهڻو ڪجهه شامل آهي. گڏيل اجلاس ۾ شرميلا فاروقي پاران پيش ڪيل گهريلو تشدد (روڪٿام ۽ تحفظ) ايڪٽ 2025 جي منظوري ڏني وئي، جيڪو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ لاڳو ڪيو ويندو بل ۾ گهريلو تشدد کي جسماني، نفسياتي ۽ جنسي زيادتي جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. قانون ۾ زال کي گهوري ڏسڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ سندس مرضي خلاف گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ کي به سزا جوڳو جرم قرار ڏنو ويو آهي. گهريلو تشدد ايڪٽ 2025 زالن، ٻارن، بزرگ خاندان جي ميمبرن، ويجهن مائٽن، ٽرانس جينڊر ماڻهن ۽ ساڳئي گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن تي پڻ لاڳو ٿيندو. قانون موجب، ڪنهن جي زال، ٻارن، يا خاندان جي ٻين ميمبرن سان زيادتي ڪرڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تي تنگ ڪرڻ کي جرم سمجهيو ويندو، جنهن جي سزا 6 مهينن کان 3 سال قيد ۽ 20,000 کان 100,000 رپيا جرمانو ٿي سگهي ٿو. اهو قانون گهر ۾ رهندڙ ڪنهن به زال، ٻارن، معذور ماڻهن، يا بزرگ ماڻهن جو پيڇو ڪرڻ کي به جرم بڻائي ٿو. ساڳئي طرح، زال کي سندس مرضي جي خلاف ٻين خاندان جي ميمبرن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ، يا خاندان جي ڪنهن ميمبر جي ذاتي زندگي ۽ عزت نفس جي خلاف ورزي ڪرڻ پڻ هڪ قابل سزا جرم هوندو. قانون موجب، زال يا گهر جي ٻين ميمبرن کي جسماني نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، گڏ رهندڙ تي ڪوڙا الزام لڳائڻ، يا زال، ٻارن، يا ٻين ڀاتين جي سنڀال ۾ غفلت ڪرڻ پڻ سزا لائق ڏوهه آهن. گهريلو تشدد ايڪٽ 2025 ۾ معاشي استحصال ۽ جنسي زيادتي کي به ڏوهه طور شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جرمانو ادا نه ڪرڻ تي 3 مهينا اضافي قيد جي سزا ملندي. گهريلو تشدد ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن به شخص کي 6 مهينن کان 3 سال قيد ۽ 1 لک رپين تائين جرمانو به ڀوڳڻو پوندو.










