ضرورت پوڻ تي استعيفا ڏينداسين، يوٽرن وارا ناهيون، شاهه

ضرورت پوڻ تي استعيفا ڏينداسين، يوٽرن وارا ناهيون، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسيمبلين تان استعيفائن بابت پيپلز  پارٽي جو موقف واضح آهي، جڏهن ضرورت پئي استعيفائون ڏينداسين، اسان يوٽرن وارا ناهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي ڪري رهي آهي، ان ڪري سنڌ ۾ منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، چاهيون ٿا ته وفاق صوبن کي ٽئڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار ڏئي، سنڌ حڪومت کي هن سال هن وقت تائين 80 بلين روپيا گهٽ مليا آهن، هن ڪمي جي ڪري سنڌ ۾ مسئلا ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو