صدر ۽ وزيراعظم ،بلاول پاران ٽالپر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

صدر ۽ وزيراعظم ،بلاول پاران ٽالپر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزير ۽ سينئر سياستدان نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زدراري پاران نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي سياسي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زدراري سوڳوار خاندانن سان محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پڻ سينيئر سياستدان محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. سندس چوڻ هو ته محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي هو سندس پونيئرن سان ڏک ۾ شريڪ آهن. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني پ پ اڳواڻ محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي کيس ڏک پهتو آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته نواب يوسف ٽالپر نامور سياستدان ۽ عوامي خدمت لاءِ وقف شخص هو، سندس سياسي ۽ سماجي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته سندس وفات نه رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ پر ملڪي سياست لاءِ به برداشت نه ٿيڻ جوڳو نقصان آهي……….

نواب يوسف ٽالپر جي وفات جي خبر مون لاءِ صدمي جو سبب آهي: بلاول ڀٽو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواب يوسف ٽالپر جي وفات جي خبر مون لاءِ صدمي جو سبب آهي.بلاول ڀٽو زرداري نواب يوسف ٽالپر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته نواب يوسف ٽالپر پيپلز پارٽي جو اثاثو هئا.هن چيو ته نواب يوسف ٽالپر ايم آر ڊي دوران قيد جون سختيون بهادري سان برداشت ڪيون.ياد رهي ته نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز اڄ ساماري ۾ ادا ڪئي ويندي.

نواب يوسف جي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ ڪنري، سامارو ۽ ٻيا شھر بند
ڪنري (ن س )پ پ جي سينيئر سياستدان ۽ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ ڪنري، سامارو ۽ ٻيا شھر بند ڪيا ويا آهن.سينيئر سياستدان جي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ ڪنري سميت بودرفارم، نبي سر ٿر، نبي سر روڊ، ٽالهي ۽ ٻيا ننڍا وڏا شھر توڙي ڪاروبار بند ڪيا ويا.ٻئي طرف سامارو ۾ به برک سياستدارن جي وڇوڙي تي سوڳ ۾ شهر مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي.نواب يوسف ٽالپر جو مڙھ ڪراچي کان ڪنري لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو