صدر زرداري جو علاج جاري، ملاقاتن تي پابندي برقرار

صدر زرداري جو علاج جاري، ملاقاتن تي پابندي برقرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صدر آصف زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته افسوس آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڀارتي چينلز تي صدر خلاف هٿ ٺوڪيون ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته صدر آصف زرداري جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان خبر پئي آهي ته کيس ڪورونا ٿي ويو آهي، ان جي طبيعت ۾ هاڻ سڌارو اچي رهيو آهي اهو چوڻ ته صدر کي ڪورونا ناهي ٿي اها ڳالهه بالڪل غلط آهي.هن چيو ته آصف زرداري سان ملاقاتن تي پابندي برقرار آهي، ڪورونا جي شدت هاڻ اهڙي ناهي، جڏهن ته صدر جي گهر ڀاتين کي مڪمل آگاهي ڏني پئي وڃي، پيپلز پارٽي جو پنهنجو فيصلو آهي ته اهي فوٽو جاري ڪن يا نه ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو