پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته صدر زرداري بلاول ڀٽو کي شيرواني پارئڻ چاهي ٿو.هڪ بيان ۾ هن چيو ته صدر زرداري ڪجهه وقت کان بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ جي مشن تي آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته پنجاب جي گورنر بلاول ڀٽو جي وزيراعظم بڻجڻ جي خبر جي تصديق ڪئي. هن چيو ته ٻنهي سياسي پارٽين کي عوام جي مينڊيٽ سان کيڏڻ بند ڪرڻ گهرجي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته هي جعلي حڪمران جلد ئي جيل جي پويان هوندا ۽ پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم هوندو.










