صدر، جسٽس مظاهر نقوي جي استعيفيٰ قبول ڪري ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي استعيفيٰ قبول ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم جي سفارش تي صدر استعيفيٰ قبول ڪئي. گجرانوالا سان تعلق رکندڙ جج گذريل ڏينهن استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن تي غلطي سان 10 جنوري 2023 جي تاريخ لکيل هئي جيڪا بعد ۾ درست ڪئي وئي.


جسٽس مطاهر علي اڪبر نقوي خلاف ڪرپشن، مس ڪانڊڪٽ ۽ ٻين الزامن هيٺ سپريم جديشل ڪائونسل ۾ سندس برطرفي بابت ڪاروائي هلندڙ آهي. مٿس اربين روپين جي غير قانوني طور جائيداد ٺاهڻ ۽ مفرور جوابدار کي پنهنجي سرڪراي گهر ۾ پناهه ڏيڻ جا الزام ناقابل ترديد ٿبوتن سان گڏ موجود آهن. جيڪڏهن هو استعيفيٰ نه ڏي ها ۽ سپريم جوديشل ڪائونسل کيس برطرف ڪري ها ته هو پينشن ۽ مراعات جو حقدار نه هجي ها ۽ هن ان محرومي کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني. وڪيل اڳوان هسن رصا پاشا ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته جسٽس نقوي جي استعيفيٰ ڪرپشن جو اقرار آهي ۽ کيس سزا ملڻ گهرجي اسين سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اهو معاملو اٿارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو