صحافي اغوا جو ڊراپ سين، فياض چاچي سان گڏجي اغوا جو ڊرامو رچايو

صحافي اغوا جو ڊراپ سين، فياض چاچي سان گڏجي اغوا جو ڊرامو رچايو

خيرپور(ن س) صحافي فياض سولنگي جي اغوا جو ڪيس ڊراپ سين ٿي ويو ،ايس ايس پي ڪشمور ۽ ايس ايس پي خيرپور گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صحافي فياض سولنگي پنهنجي چاچي سان گڏجي اغوا جو ڊرامو رچايو،ايس ايس پي توحيد ميمڻ چيو ته خيرپور ۽ ڪشمور پوليس صحافي فياض سولنگي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي،پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته صحافي جو پنهنجي سئوٽ سان زمين جي تڪرار تي جهيڙو هلي رهيو هو، صحافي اغوا جو ڊرامو رچائڻ ۽ پنهنجي سئوٽن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ پئي چاهيو،پوليس موجب صحافي فياض سولنگي ۽ چاچي مظهر سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي توحيد ميمڻ چيو ته صحافي فياض سولنگي پاڻ تي تشدد جي وڊيو ٺاهي ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو.ياد رهي ته ان اڳ صحافي جو ويڊيو جاري ٿيو جنهن ۾ کيس تشدد ڪيو پئي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو