صارفين تي بجلي حملو،قيمت ۾ هڪ رپيو 46 پئسا واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بجلي صارفين تي مهانگائي، نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيا 46 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي.بجلي جي اگهن ۾ اضافو جولاءِ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو اطلاق سيپٽمبر جي بلن ۾ ٿيندو.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واڌو لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو