ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور اداڪارا سونيا حسين اعتراف ڪيو آهي ته شوبز جون شخصيتون مختلف شادين ۽ ٻين پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ وڏيون فيسون وصول ڪنديون آهن.تازو ئي سونيا حسين نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ميزبان جي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.شو دوران ميزبان اداڪاره کان سوال ڪيو ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جون مشهور شخصيتون، اي لسٽ جا فنڪار شادي ۾ وڃڻ لاءِ ڪيترو معاوضو وٺندا آهن؟آسڪر ايوارڊ کٽڻ جي خواهش رکندڙ ميزبان سونيا حسين جي سوال تي چيو ته شو بزنس سان لاڳاپيل فنڪار ٿوري وقت لاءِ شادي ۾ شرڪت ڪندا آهن، جنهن لاءِ هو وڏي فيس وصول ڪندا آهن، جيڪا ڪڏهن ڪروڙين ۾ به ٿيندي آهي، پر هوءَ پاڻ ته فيس لاءِ ڪنهن جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ تي يقين نٿي رکي.
