اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.جسٽس ارباب محمد طاهر شاگردن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو عدالت جي حتمي حڪم سان مشروط هوندو.جسٽس ارباب محمد طاهر 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو ته جامعه ٻئين ٽيسٽ جا نتيجا ايندڙ نوٽيس تائين جاري نه ڪري.










