ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته شهر جون روشنيون ختم ٿي ويون هيون پر گورنر هائوس روشنيون بحال ڪري ڇڏيون، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اتحاد رمضان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته روشنين جي شهر ۾ روزگار جا موقعا به وڌندا. منهنجي ٽيم روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ رمضان ۾ دعائون ٻڌندو آهي. قوم کي ملڪ جي ترقي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي.ڪامران ٽيسوري چيو ته اڄ گورنر هائوس ۾ 50 هزار ٻار جديد آئي ٽي ڪورسز بلڪل مفت ۾ ڪري رهيا آهن، مستحق ماڻهن ۾ راشن بيگ ورهايا پيا وڃن ۽ نوجوانن کي ليپ ٽاپ پڻ ڏنا پيا وڃن، نون وزيرن حلف کنيو آهي، الله انهن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪري.










