ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ هدايتون ڏنيون آهن ته نون فلم ۽ ڊراما لکندڙن کي خاص همت افزائي ڪئي وڃي.ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن اوور سائٽ بورڊ جو پهريون اجلاس شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊرامي، فلم ۽ ٻين لاڳاپيل تخليقي ڪمن کي پروموٽ ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن اوور سائٽ بورڊ سماجي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو.هن چيو ته نوان ليکڪ ۽ پروڊڪشن هائوس جيڪي تخليقي ڊراما ۽ فلمون تيار ڪن ٿا انهن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته بورڊ جي منظوري سان تخليقي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.هن اجلاس ۾ ميمبرن مواد ۽ پيداوار جي نگراني بورڊ کي موثر بڻائڻ لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون.










