شاهه ٻيلي ۾ آپريشن لاءِ 3 جديد اي پي سيز پوليس حوالي

سکر(جیرام داس بختیار پوري) چڪ لڳ شاھ ٻيلو واري علائقي ۾ ھلندڙ آپريشن جي ڪاميابي لاء پوليس پاران واهه ڪينٽ مان 3 عدد جديد اي پي سي چين گهرايون ويون آھن .آر پي او سکر پاران آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي. چڪ لڳ شھيد ٿيل پوليس عملدارن شھيد ايس ايڇ او لکي مرتضىٰ ميراڻي، شھيد اي ايس آء ذوالفقار پنهور، شھيد اي ايس آء لاهوتي ذوالفقارعباسي، شھيد سرفراز مهر ۽ پورهيت منظور ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء 43 ڏينهن کان هلندڙ آپريشن ڪامياب نہ ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پاران اي پي سي چين کي نشانو بڻائڻ بعد گهرايل 3 نين اي پي سي مان 2 شڪارپور پوليس ۽ ھڪ سکر پوليس حوالي ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو