سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ جي سفارش

سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ جي سفارش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) درآمدي سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني. ايف بي آر چيئرمين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تماڪ سيڪٽر مان ساليانو 160 ارب رُپيا ٽئڪس حاصل ٿيندو آهي، 157 ارب رُپيا يعني 98 سيڪڙو ٽئڪس ٻه ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته ٻين ويهه ڪمپنين وٽان رڳو ٽي ارب ٽئڪس حاصل ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته سگريٽ سازي واري صنعت ۾ وڌيڪ سٺ ارب رُپين تائين ٽئڪس وصولي جي گنجائش آهي، مقامي ۽ درآمد سگريٽن تي سترنهن سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو آهي، انکانسواءِ فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي وصولي ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيئرون سگريٽ تي في هڪ هزار اسٽڪ 6500 رُپيا ٽئڪس آهي، ٽيئر 2 سگريٽ تي في هڪ هزار اسٽڪ 2050 رُپيا ٽئڪس آهي، درآمدي سگريٽ جي في پيڪٽ تي 65 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي درآمدي سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ جي سفارش ڪندي چيو ته درآمدي سگريٽن تي ٽئڪس وڌائڻ سان ٽي سئو ارب رپيا واڌو ريونيو جمع ٿي سگهي ٿو، مقامي ۽ درآمدي سگريٽ پيڪٽ تي ٽئڪس 41 رُپيا وصول ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي چيئرمين ٻڌايو ته درآمدي سگريٽ تي ٽئڪس وڌيڪ وڌائڻ سان ريونيو وڌندو.

پهنجو تبصرو موڪليو