سکر بئراج جي متبادل لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بئنڪ تي زور ڀريو آھي ته 89 ورھيه پراڻي سکر بئراج جي متبادل تعمير لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائڻ ۾ ٽيڪنڪل مدد فراهم ڪريو. ھيءَ فزيبلٽي اسٽڊي ڪمپوننٽ ورلڊ بينڪ جي انتظام هيٺ سنڌ بئراجز جي سڌاري واري منصوبي جو حصو آھي ۽ اسان سنجيدگيءَ سان نئين بئراج ۽ پراڻي سکر بئراج جي متبادل تي غور ڪري رھيا آھيون جيڪو صوبي جي زرعي معيشت لاءِ لائيف لائين آھي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن هاسين سان ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ زراعت جو صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزير ناصر شاهه، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، سماجي معاملن بابت وڏي وزير جو خاص مددگار حارث گذدر، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، زراعت سيڪريٽري پرويز سيهڙ، سيڪريٽري ناڻو آصف جهانگير، سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي ۽ وڏي وزير جو ايڊيشنل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سکر بئراج 1932 ۾ شروع ڪيو ويو ۽ هاڻي هوءَ پنهنجو عرصو پورو ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سکر بئراج صوبي جي لائيف لائين آهي ۽ اهو ستن وڏن ڪينالن کي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي جن ۾ ٽي ليفٽ بينڪ ۽ چار رائيٽ بينڪ جا ڪينال شامل آهن.  آبپاشي واري وزير ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر کي آگاهي ڏني ته صوبائي حڪومت سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهي آهي ته سکر بئراج وٽ متبادل بئراج جي تعمير لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي ضرورت آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سکر بئراج جي سڌاري واري منصوبي ۾ سکر بيراج جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائڻ جو ھڪ ڪمپوننٽ موجود آھي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وڏي وزير کي ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ جا ماهر تمام جلد بئراج جو دورو ڪندا ۽ دوري دوران ضروري ڳالهين کانپوءِ سنڌ حڪومت کي پروجيڪٽ جي پي سي ون جي تياري لاءِ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي ويندي. 

سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ:

زراعت بابت وڏي وزير جو صلاحڪار منظور وساڻ  6 سالن جي سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 340 ملين ڊالر جي لاڳت سان منصوبي تحت جنوري 2022 کان حيدرآباد، بدين، ميرپور خاص، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، سکر، گھوٽڪي، دادو، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، قمبر شھدادڪوٽ، خيرپور، عمرڪوٽ، سجاول، نوشهروفيروز، مٽياري، ٽنڊوالھيار، شڪارپور، ٺٽو ۽ شھيد بينظير آباد سميت  22 ضلعن ۾ هائيڊرولڪ بائونڊريز لڳايون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڳوٺاڻي معيشت کي وڌائيندو ۽ زرعي ترقي، معاشي ترقي ۽ ماحولياتي پائيداري جي مقصدن لاءِ پاڻي جي وسيلن جي مناسب ورڇ کي هٿي وٺرائيندو. منصوبي جو مقصد زرعي پاڻيءَ جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ آھي جيڪو سنڌ آبپاشي ۽ زراعت منصوبي تحت انٽيگريٽيڊ واٽر ريسورسز مينيجمينٽ (IWRM) ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ھن منصوبي ۾ اڪرم واھ جي تعمير / بحالي شامل آھي. پاڻيءَ جي سهولت کي بھتر ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ NW ڪينال، رائس ڪينال، دادو ڪينال ۽ وارھه برانچ جي فزيبلٽي اسٽڊيز ڪرايون وينديون.

هيومن ڪيپيٽل پروجيڪٽ:

سنڌ هيومن ڪيپيٽل پروجيڪٽ 4.57 ارب روپين جي لاڳت سان پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ پيدائش، زچگي، ڄاول ٻارن جي صحت (RMNCH) سروس هڪ ميڊيڪل رڪارڊ سسٽم آهي جيڪو ماءُ ۽ ٻار جي سروس سان ڳنڍي ٿو، اسڪول جي ٻارن، نوجوان ڇوڪرين ۽ بالغ عورتن لاءِ تعليم ۽ سکيا جا موقعا، ڪورونا وائرس ۽ قدرتي آفتن ذريعي RMNCH ۽ نيوٽريشن سروس ۽ سپورٽ فرنٽ لائين هيلٿ ڪيلئر ۽ پاپوليشن ويلفيئر سروس لاءِ مشروط نقد رقم جي منتقلي(CCT) ۾ سهڪار شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته CDWP منصوبي جي Concept Clearance Proposal (CCP) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي باضابطه درخواست منظوري لاءِ ورلڊ بينڪ ڏانهن موڪلي ويندي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پروجيڪٽ جلد ئي ورلڊ بينڪ بورڊ جي منظوري لاءِ غورهيٺ آندو ويندو.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومنٽ پراجيڪٽ:

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) ورلد بينڪ جي مدد سان  1.6ملين ڊالر جي لاڳت سان شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن واٽر بورڊ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ڪيو وڃي ۽ سڌارا متعارف ڪرايا وڃن.  مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته KWSB ۾ ادارتي سڌارن جي اسٽڊي ڪرائڻ لاءِ صلاحڪارن جون خدمتون گهريون ويون آهن. هيءَ اسٽڊي هيومن ريسورسز، فزيبلٽي مينجمينٽ اسٽڊي، ريوينيو امپروومينٽ اسٽڊي ۽ ڪميونيڪشن اسٽريٽجي جي معاملن تي ڪئي ويندي. صلاحڪار پنھنجي اسٽڊي فيبروري 2022 ۾ شروع ڪندا. سيوريج سڪشن ۽ جيٽنگ ٽرڪن جا 14 جوڙا خريد ڪري ڪي ڊبليو ايس بي حوالي ڪيا ويا آهن.  سيوريج سڪشن ۽ جيٽنگ ٽرڪن جو 14 جوڙن جو هڪ ٻيو بيچ جنهن ۾ 10 گڏيل ايس اينڊ جي ٽريڪ آهن ايندڙ سال چوماسي واري سيزن کان پهرين خريد ڪيون وينديون. مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه اجلاس کي ٻايو ته ورلڊ بئنڪ، KWSB ماسٽر پلان کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ مشاورتي خدمتن لاءِ TOR منظور ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو