ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي چوپائي مال ۽ ماھيگيريءَ واري کاتي پاران پاڪستان جي سڀ کان وڏي لائيواسٽاڪ نمائش 2025، 17 کان 19 جنوري تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. هي تاريخي ايونٽ پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي جي شاندار ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ کيس ترقي وٺرائڻ، ۽ زراعت ۾ پائيداري تي زور ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي.سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران، وزير محمد علي ملڪاڻيءَ چيو ته ايڪسپو هڪ انقلابي قدم آهي، جيڪو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪندو، جن ۾ بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد جمون ڪشمير جا نمائندا شامل آهن. هن زور ڏنو ته سنڌ پاران ميزباني ڪيل هي ايڪسپو حڪومت جي لائيو اسٽاڪ شعبي کي ھٿي وٺرائڻ ۽ مقامي آبادگارن، نسل پاليندڙن ۽ صنعت جي ماهرن جي مدد لاءِ پرعزم هجڻ جو ثبوت آهي. سنڌ اسميبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري ڪلچر خير محمد ڪلوڙ، سيڪريٽري سھيل قريشي، ڊي جي ڊاڪٽر نظير حسين ڪلھوڙو، ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب اللھ ميمڻ، ڊائريڪٽر اسپورٽس امداد ابڙو، ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ لائيواسٽاڪ ايڪسپو بابت بريفنگ ڏني وئي. ھن چيو تہ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025 ۾ مختلف سرگرمين جو هڪ وسيع سلسلو شامل هوندو، جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ جي نمائشون، فني سيمينار، ۽ ماهرن پاران تحقيقاتي پيشڪشون شامل آهن. شرڪت ڪندڙ مختلف لائيو اسٽاڪ نسلن کي ڏسي سگهندا، جيئن ڪُنڍي مينھن ۽ نيلي راوي مينھون، ريڊ سنڌي، ٿري ۽ ساھيوال ڳئون، ھائبرڊ نسلن جون ٻڪريون، رڍون، ناياب پالتو جانور وغيرہ شامل آھن. هي ايونٽ اسٽيڪ هولڊرز کي جديد طريقن ۽ اپائن بابت آگاھي مهيا ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تہ ايونٽ مختلف صوبائي کاتن جي گڏيل سھڪار سان ٿي رھيو آھي، جن ۾ زراعت ۽ پرائس بيورو، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات، ۽ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن وارو کاتو شامل آهي. ھن چيو تہ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ پاران روايتي راندين جهڙوڪ ملھ ملاکڙو ۽ ڪٻڊي ايونٽ ۾ شامل آھي، جڏهن ته موسيقيءَ جي محفل ۾ مشهور فنڪار جهڙوڪ صنم ماروي، ديبا سحر، احمد مغل ۽ ريشما پروين شامل آهن. وزير محمد علي ملڪاڻيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ خاص سيشن چوپائي مال واري شعبي ۾ پائيدار ترقيءَ بابت بہ ھوندو جيڪو لائيو اسٽاڪ مئنيجمينٽ ۾ چئلينجن ۽ موقعن تي روشني وجهندو. مندوبين کي اهم محققن سان لھ وچڙ، جديد طريقن کي ڳولڻ، ۽ شعبي ۾ پيداوار ۽ لچڪ وڌائڻ جي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. ھن ٻڌايو تہ جانورن ۽ پکين جي هڪ شاندار پريڊ ايونٽ جو اهم حصو هوندي، جيڪا علائقي جي لائيو اسٽاڪ جي ورثي کي اجاگر ڪندي. ٽئين ڏينھن ايڪسپو ايوارڊ تقريب سان اختتام پذير ٿيندو، جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ انڊسٽري جي سالياني ڪارڪردگيءَ بابت رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.










