سپلا سکر ريجن جي سڏ تي انتقامي طور ٿيل بدلين خلاف احتجاج جاري

سپلا سکر ريجن جي سڏ تي انتقامي طور ٿيل بدلين خلاف احتجاج جاري

گهوٽڪي (ن سنڌ يار) سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن سکر ريجن جي سڏ تي گھوٽڪي ضلعي جي نامور پروفيسرن محمد سانول گھوٽو عبد الغفار ميمڻ ۽ اشفاق احمد مشوري ۽ ٻين جي انتقامي طور ٿيل بدلين خلاف گذريل پندرھن ڏينھن کان گھوٽڪي ضلعي جي سڀني ڪاليجن ۾ احتجاج جاري آھي ان سلسلي ۾ استادن پاران لڳاتار پندرھن ڏينھن کان وٺي ٻانھن تي  ڪاريون پٽيون ٻڌي تدريسي عمل جاري رکيو ويو آھي ان سلسلي ۾ سپلا ضلعي گھوٽڪي جي اڳواڻن پروفيسر اختيار احمد ڪلھوڙو پروفيسر عبدالحفيظ دايو، پروفيسر سڪندر علي مھيسر پروفيسر نذير احمد مھر ۽ ٻين پنھنجي پريس بيان ۾ چيو آھي ته اسان جي استادن جون بدليون ضرورت جي بنياد تي نه پر انتقامي طور تي ڪيون ويون آھن جن ۾ ڊائريڪٽوريٽ سکر جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائين رکيو ۽ ڊي جي ڪاليجز ملوث آھن سندن ھٽائڻ تائين احتجاج جاري رھندو ان حوالي سان سپلا سکر پاران 24 مارچ تي سکر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پئي وڃي جنھن ۾ گھوٽڪي ضلعي پاران ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو