سيپٽمبر ۾ 4 ارب 77 ڪروڙ ڊالرن جون شيون ۽ خدمتون درآمد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هن سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان 4 ارب 77 ڪروڙ ڊالرن جون شيون ۽ خدمتون درآمد ڪيون.انٽر بئنڪ ذريعن موجب سيپٽمبر ۾ سامان ۽ خدمتن جي پاڪستاني برآمدات 3.4 بلين ڊالر ۽ مزدورن جي ترسيل 2.2 بلين ڊالر تائين پهچي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 173 ملين ڊالر هئي جڏهن ته مهانگائي ۾ واڌ جي شرح 31.4 سيڪڙو ۽ ٽيڪس روينيو 834 ارب رپيا رهيو.انٽر بئنڪ ذريعن موجب سيپٽمبر تائين حڪومت جو قرض 64 هزار ارب رپيا هو جڏهن ته بئنڪن جا ذخيرا 26 هزار 273 ارب رپيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو