سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف جي سيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف

سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف جي سيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کان سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف جي سيٽ جي گهر ڪئي آهي.ذريعن موجب پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف پيپلزپارٽي کان هجڻ گهرجي.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف بابت پيپلزپارٽي جي موقف جي مخالفت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف لاءِ مسلم ليگ (ن) کان سعديا عباسي ۽ اعظم نذير تارڙ جا نالا سامهون آيا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن جو ليڊر بڻائڻ چاهي ٿي.ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ پي ڊي ايم جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس 9 مارچ تي منعقد ٿيو هو جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ قائد حزب اختلاف جي پوسٽن جي نالن تي بحث ڪيو ويو.پي ڊي ايم ترجمان اعلان ڪيو ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي عهدي لاءِ جي يو آءِ جو اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف مسلم ليگ ن مان هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو