اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چونڊن جو تماشو سڀني ڏسي ورتو، هاڻي سينيٽ چونڊون ائين نه ٿينديون، ايندڙ چونڊن لاءِ ٽيڪنالوجي استعمال ٿيڻ گهرجي، اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان ڪچن ڪابينا کي خطاب دوران ڪيو. هن خطاب دوران اپوزيشن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ اچڻ بعد چوري جو پئسو ٻاهر اُماڻيندا آهن، پئسو ٻاهرا اُماڻيو ويندو آهي ته ڪرپشن کي قبول جوڳو بڻائڻ لاءِ ميڊيا کي به پئسو ڏنو ويندو آهي، اهو ئي پئسو ادارن ۾ به هلندو آهي. ياد رهي ته هن اجلاس ۾ گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد کي نه گهرايو ويو هو. صرف پي ٽي آءِ جا ماڻهو هئا.










