سينيٽ پاران ڪائونٽر فنانسنگ اٿارٽي اسٽيبلشمينٽ بل منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ پاران مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ نيشنل اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڪائونٽر فنانسنگ اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏني وئي.جڏهن ته سينيٽ ۾ بل تي ووٽنگ ٿي، مخالفت ۾ 9 ۽ حق ۾ 28 ووٽ آيا.رضا رباني، طاهر بزنجو ۽ ڪامران مرتضيٰ بل جي منظوري جي حق ۾ نه رهيا.پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پاران بل جي فوري منظوري جي مخالفت ڪئي وئي.بل پيش ڪندي حنا رباني کر چيو ته بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي، ان بل تحت اٿارٽي قائم ڪئي ويندي.يوسف رضا گيلاني چيو ته هي هڪ اهم بل آهي جيڪو سڄي ملڪ لاءِ اهم آهي.اسحاق ڊار چيو ته اسان پنهنجي مستقبل جو پلان ايف اي ٽي ايف کي ڏنو آهي.پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز چيو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 12 بل ڪيئن پڙهي سگهجن ٿا، اسان کي ربر اسٽيمپ نه بڻايو وڃي، دنيا اسان سان ٺٺوليون ڪري رهي آهي، بل جي منظوري تي مخالف ڌر سخت نعريبازي ڪئي ۽ احتجاج ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو