سينئر وزير سان مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جي ملاقات،ڳالهيون

سينئر وزير سان مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جي ملاقات،ڳالهيون

ڪراچي، (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ۽ ڪراچي جي مختلف ڪاروباري تنظيمون، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس، ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، نارٿ ڪراچي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ۾ سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام لاءِ فيڪٽ چيڪنگ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن جي صدارت ھيٺ بزنس فيسليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اطلاعات بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ممتاز ڪاروباري شخصيت مرزا اختيار بيگ، نارٿ ڪراچي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي صدر فيصل معز خان، ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جا صدر جنيد نقي ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جا سينئر وائس چيئرمين ضياءُ العارفين شرڪت ڪئي. اطلاعات وارو سيڪريٽري نديم الرحمان ميمن، سيڪريٽري آءِ ٽي نور احمد سومرو، ۽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي اطلاعات معيز پيرزادو به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. جلاس ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ جعلي خبرن سبب ڪاروبار ۽ معيشت تي پوندڙ اثرات تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي، جڏهن ته ان حوالي سان اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو ته جعلي خبرن جو ڦھلاءُ ڪاروبار ۽ معيشت تي ھاڃيڪار اثر وجھي سگهي ٿو، سنڌ سرڪار جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي چيلنج کي منھن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آھي، تھ جيئن ڪاروباري برادري جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. هنن چيو ته جعلي خبرن کي منھن ڏيڻ لاءِ لاءِ ذميواراڻي صحافت ۽ لاڳاپيل ڌرين جو سھڪار لازمي آهي، غلط معلومات جي پحلاءُ کي روڪڻ لاءِ ڪاروباري برادري ۽ اطلاعات کاتي جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو