سينئر صحافي جو والد مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جو سلسلو جاري

سينئر صحافي جو والد مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جو سلسلو جاري

نوابشاهه (ن سنڌيار) سينئر صحافي ۽ اينڪرپرسن زوھيب زرداري جي والد مرحوم محمد يعقوب زرداري کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم ڪجهه ڏينهن نوابشاھ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو .مرحوم جي جنازي نماز عيد گاھ بڇيري ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن .صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندن اباڻي قبرستان بالو جا قبا ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي پوئنرن سان تعزيتي سلسلو هلندڙ آهي. سومر تي سردار حاجي خان مهر. ايم پي اي خان محمد ڏاهري.سردار ڄام تماچي انڙ.اڳوڻو ايم پي اي بهادر ڏاهري. ايم پي اي فياض حسين ٻٽ.طارق علي شاھ ڄاموٽ. جي ڊي اڳواڻ ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ .سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني.چيف سردار فياض خان لنڊ. ايم اين اي مير  خالد خان لنڊ.مير بابر خان لنڊ.قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو.سينيٽر سسئي پليجو.پي پي پي اڳواڻ عاشق علي زرداري.جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي .ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي  سينيٽر امام الدين شوقين..ايم پي اي نصرت سحر عباسي. هالار خان پتافي. پي پي  پي اڳواڻ ڊاڪٽر فاطمه شھباز انصاري.صوبائي وزير عبدالباري پتافي بڇيري پهچي زوهيب زرداري سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي چيو ته پي ڊي ايم هڪ تحريڪ جو نالو آھي جيڪا ملڪ ۾ 1973 وارو آئين نافذ ڪرڻ لاء جُڙي آھي. ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي دخل اندازي کي روڪي عوام کي نئون دڳ ڏيڻ وڃون پيا جنهن ۾ هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي هوندي.

Minister Fisheries and Live stock, Bari Khan Pitafi’s media Talk, Photo Sindhyar

اسان تاريخ ۾ قائداعظم ٻڌوسين،قائد عوام ٻڌوسين،قائد ملت ٻڌوسين پر موجوده وزيراعظم عمران خان قائد قلت آھي جنهن وٽ هر شيءِ جي کوٽ آھي. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ سڄي دنيا ڏٺو يوسف رضا گيلاني جا ووٽ ڄاڻي واڻي خارج ڪري کيس هارايو ويو.ان کانپوءِ کيس سينيٽ لاء حزب اختلاف چونڊيو ويو جنهن تي مسلم ليگ(ن) جا اعتراض اجايا آھن. هن وڌيڪ چيو ته اسان سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت عوام اڳيان ظاهر ڪرائي پنهنجي مقصد ۾ سرخرو ٿيا آھيون.مال مويشي جي ويڪسين جي حوالي سان ھن ميڊيا اڳيان ٻڌائيندي چيو ته ويڪسين کي 5 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو تي آندو آھي.ويڪسين جي ڪم کي تيز ڪري رهيا آھيون.ٻوڏ متاثر 10 ضلعن ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي ويڪسين ڪري چڪا آھيون.گذريل سال اسان ساڍا ٽي ڪروڙ جانورن جي ويڪسين ڪرائي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو