سيد اڪبر شاهه جي 50هين ورسي، خدمتن تي کيس خراج پيش

ميھڙ (غلام حسين پنھور) سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ  پاران سنڌ جي برک اديب، شاعر، تعليمي ۽ سماجي خدمتگار۽ جامعه عربيه ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي باني سيد علي اڪبر شاھ جي 50 ھين ورسي مقامي ھوٽل ۾ ملھائي وئي. صدارتي خطاب ۾ نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته  سيد علي اڪبر شاھ نظرين کان مٿانھون ٿي سنڌ جو درس ڏنو، مسلم ليگ سنڌ جو صدر ھوندي به ايوب خان آڏو سنڌ جو ڪيس وڙھيو. سندس عمل ۽ ڪردار قابل فخر آهي. سيد علي اڪبر شاھ جي فرزند پير آف ميھڙ سيد محمد شاھ چيو ته بابا برصغير جي وڏي شخصيت ھئي، ھن قائد اعظم ، سيد ۽ ڀٽي شھيد سان گڏ سياست ڪئي پر پيسو نه ٺاھيو، سموري ملڪيت تعليمي ۽ فلاحي ادارن لاء وقف ڪئي. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر برڪت جتوئي چيو ته ھن ادارا ٺاھيا. سنڌ ۾ سيد علي اڪبر شاھ وانگر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته سيد علي اڪبر شاھ سنڌ جو سچو سپوت ھو، ھن سنڌي ٻولي تي آيل ڏکئي وقت ۾  سنڌي ٻولي جي بحالي لاء جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. نامياري اديب حبيب حضوري چيو ته سيد علي اڪبر شاھ سنڌ جو مثالي سياستدان ھو، پاڻ  پنهنجي اسيمبلي ميمبر واري  اڌ پگھار به فلاحي ادارن ۽ غريب شاگردن کي ڏيندو ھو، سندس خدمتن بابت جلد ڪتاب ڇپرايو ويندو. تقريب کي ناميارن اديبن، شاعرن سليم مگسي، امتيازعادل سومرو، ممتاز خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ٻليدائي، ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي، ايڊوڪيٽ عاشق سولنگي، محمد يعقوب کوسو، علي شير ڳورڙ، اسد بروھي، اويس قرني، منظور مھيسر،  نماڻو صديق ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو