سياسي مداخلت يا عدالتن ۾ ڪيسز سان نجڪاري جو عمل متاثر ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ پاڪستان جي نجڪاري واري طريقيڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. عالمي بينڪ چيو آهي ته سياسي مداخلت يا عدالتن ۾ ڪيسز سان نجڪاري جو عمل متاثر ٿيندو. پاڪستاني حڪومت ڪمپنين جو منافعو ڏکڻ ايشيائي ملڪن مان سڀني کان گهـٽ آهي. پاڪستاني حڪومتي ڪمپنين جو 2014 ۾ منافعو جي ڊي پي جي 0..8 سيڪڙو هو ۽ 2020 ۾ سرڪاري ڪمپنين جي نقصانن جي ڊي پي جي 0.4 سيڪڙو جي برابر هئي.عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جو نجڪاري پروگرام 2007 جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ رڪجي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ريڪوڊڪ فيصلن سان پاڪستان عالمي سطح تي معاهدن جي پاسداري نه ڪندڙ ملڪ جي طور تي اڀريو.عالمي بينڪ موجب پي ٽي آءِ جي دور ۾ پاڪستان جي سرمائي ۽ قانون کان نجڪاري ۾ وڌيڪ دير ٿي، پاور سيڪٽر ادارن جي نجڪاري ليبر يونين سبب نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري کان پوءِ به ڪارڪردگي عدم اطمينان بخش رهي.عالمي بينڪ وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽيون به نجڪاري پروگرام تي متفق نه آهن ۽ ٻين ملڪن کي حڪومتي ڪمپنين جي نجڪاري تي عدالتن ۾ ڪيسز جو امڪان آهي. حڪومت ڪمپنين جي زرمبادله کي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ کان پوءِ شفاف نجڪاري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو