ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار رپيا واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ تولو سون جو اگهه 2 لک 13 هزار 300 رپيا ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو اگهه 1714 رپيا وڌي 1 لک 82 هزار 870 رپيا ٿي ويو.ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 20 ڊالر وڌي 2006 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
