سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 34 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 857 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 10 هزار 46 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1914 ڊالر في اونس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو