سول حڪمران ڪم ڪرڻ جي قابل ناهن:مفتاح اسماعيل

سول حڪمران ڪم ڪرڻ جي قابل ناهن:مفتاح اسماعيل

لاهور (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان وٽ بدترين گورننس آهي، سول حڪمرانن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي. الحمرا هال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته اسان کي پاڪستان جي مستقبل جي فڪر ڪرڻ گهرجي، مون معيشت کي ٿوري بهتر حالت ۾ ڇڏي ڏنو پر هاڻ پراڻي روايت موجب سبسڊي ڏيڻ جي عادت پئجي وئي آهي. هن چيو ته حفيظ شيخ آءِ ايم ايف جو پروگرام ڏنو ۽ شوڪت ترين 172 ارب رپيا پاور سيڪٽر کي ڏنا، هو 120 ارب رپيا تيل جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف کان پئسا وٺڻ کانپوءِ 15 ڏينهن کانپوءِ مون کي برطرف ڪيو ويو، جڏهن پاڪستان پنهنجو ڪم نه ڪندو ته ٻيا اسان لاءِ ڇو ڪندا، اسان وٽ بدترين حڪمراني آهي، حڪمرانن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ناهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته فوج جي مداخلت خراب آهي، فوج جو ڪردار تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وقت ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي، سياستدان پنهنجي ڪلهن پٺيان ڏسي رهيا آهن، ٽيڪس وڌايو ، ٻارن جي تعليم جي شرح کي وڌايو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي ڍانچي کي تبديل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو