سوشل ميڊيا تي نفرت آميز مواد جي رپورٽ ايف آءِ اي کي ڏيو: پي ٽي اي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سوشل ميڊيا تي نفرت آميز مواد جي رپورٽ ايف آءِ اي يا پي ٽي اي کي ڏيڻ جو چيو آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي اي چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع، سالميت ۽ سلامتي خلاف آن لائن مواد پکيڙڻ غيرقانوني آهي، رياست مخالف، گستاخ، نفرت انگيز مواد کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اسلام يا ڪنهن فرقي يا مذهب جي عظمت خلاف مواد پکيڙڻ سنگين جرم آهي، پاڪستان پينل ڪوڊ تحت سزا موت، عمر قيد ۽ ڏنڊ آهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي نسل، مذهب يا فرقيواريت جي بنياد تي ڪنهن طبقي يا فرد جي خلاف آن لائن مواد پکيڙڻ ڏوهه آهي، نفرت آميز مواد پکيڙڻ سان دل ڏک ۽ مذهبي نفرت به وڌي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو