سواتي جا پروڊڪش آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف  سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج

سواتي جا پروڊڪش آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي جي گرفتاري ۽ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ سينيٽرز احتجاج ڪندي سينيٽ چيئرمين جي ڊيسڪ جو گهيراءُ ڪري ورتو.سينيٽ اجلاس شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ سينيٽرن اعظم سواتي جي آزادي ۽ پروڊڪشن آرڊرلاءِ سيٽن تي اُٿي بيهي احتجاج شروع ڪيو، جنهن بعد سينيٽرن چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو.سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان جو ماحول خراب نه ڪيو، اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏينداسين.ان دوران قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ غيرملڪي سيڙپڪاري جي تحفظ واري بل پيش ڪيو.پي ٽي آءِ سينيٽرن جي گوڙ ۾ بل پيش ڪرڻ واري رٿ منظور ٿي وئي ۽ سينيٽ ۾ معمول جي ڪارروائي معطل ڪري بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو.سينيٽر رضا رباني ۽ طابر بزنجو سميت چئن سينيٽرن بل جي مخالفت ڪئي، گوڙ دوران سينيٽ اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو