سوئي سدرن پاران اگهه وڌائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سوئي ناردرن کانپوءِ سوئي سدرن به گئس جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب سوئي سدرن پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 226 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ذريعن موجب سوئي سدرن گئس جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي آهي، جيڪا هلندڙ مالي سال جي روينيو گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي.ذريعن موجب سوئي سدرن کي هلندڙ مالي سال 47 ارب 77 ڪروڙ رپين جي روينيو شارٽ فال جو اندازو آهي.بلوچستان ۾ روينيو شارٽ فال جو اندازو 95 رپيا 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي قيمت ۾ 150 رپيا 67 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جو مطالبو ڪيو ويو آهي.اوگرا ذريعن موجب سوئي سدرن جي درخواست تي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندي.سوئي سدرن جي موجوده سراسري گئس جي قيمت 1,470 رپيا 21 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، جڏهن ته ڪمپني نئين سراسري قيمت 1,696 رپيا 39 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي درخواست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو