سنگاپور ۽ ترڪي سميت 13 ملڪن جا 36 مسافر آف لوڊ

سنگاپور ۽ ترڪي سميت 13 ملڪن جا 36 مسافر آف لوڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن اختيارين گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف سببن جي ڪري ترڪي، رومانيا، سنگاپور ۽ سعودي عرب سميت 13 ملڪن جي 36 مسافرن کي پروازن مان آف لوڊ ڪيو.اميگريشن ذريعن موجب، 13 عمري زائرين کي سعودي عرب جي رستي تي روڪيو ويو ڇاڪاڻ ته انهن وٽ اڳواٽ هوٽل بڪنگ ۽ خرچن لاءِ مناسب فنڊ نه هئا. ايران، ٿائيلينڊ، ترڪي، سنگاپور، جارجيا، صومالي لينڊ، گڏيل عرب امارات ۽ فجي جي يارهن مسافرن کي وزٽ ويزا تي پروازن مان ڪڍيو ويو.هڪ مسافر جنهن وٽ يوناني رهائشي ڪارڊ هو، ان کي به جهاز مان لاٿو ويو.سعودي عرب، ڏکڻ آفريڪا، تنزانيا ۽ رومانيا جا ڪم ويزا رکندڙ ست مسافرن کي به مختلف دستاويز مڪمل نه ڪرڻ تي جهاز مان لاٿو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو