سنڌ ۾ مڪاني چونڊون پارٽي بنياد تي ٿينديون، مراد شاهه

سيوهڻ (ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون پارٽي بنياد تي عام چونڊن کان اڳ ٿينديون. آدمشماري تي اعتراض آهي ڇو ته سنڌ جي آباد گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن علي حسن شاهاڻي ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته مون وفاق کي خط لکيو آهي ته آدمشماري تي بحث لاءِ پارليامان جو گڏيل اجلاس گهرايو. هڪ سوال تي هن چيو ته اسانجي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، ايران، افغانستان ۽ چين سان به لاڳاپا متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم قيادت کي گهرجي ته هو اپوزيشن کي متحد ڪري. پي ڊي ايم جو مقصد عمران حڪومت کان ڇٽڪارو هو پر ڪجهه جماعتن بلاول کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. هڪ ٻئي سولا تي هن چيو ته آغا سراج دراني جي ميڊيا ٽرائل جي مذمت ڪريون ٿ هن خلاف نيب کي ڪو ثبوت ناهي مليو رڳو کيس بدنام ڪيو پيو ٿو وڃي.  وڏي وزي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ لاءِ 2017 ۾ وفاق کان فنڊز منظور ڪرايا هئا پر 2018 ۾ عمران حڪومت اچن بعد اهي روڪيا ويا آهن. ياد رهي ته سنڌ جو وڏو وزير ٻن ڏينهن کان پنهنجي حلقي ۾ عذر خواهين لاءِ پهتل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو