ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت مقرر ڪيل هنڌن کانسواءِ ڍور مارڪيٽون لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت اڻڄاتل هنڌن تي چوپائي مال جي مارڪيٽ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهر ۾ 8 ڪيسن تي ڍور مارڪيٽ جي اجازت هوندي.










