ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي آهي.حيدرآباد، دادو، سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي پد 40 جي ويجهو پهچي ويو آهي.ٻئي طرف فيصل آباد، گوجرانوالا، ملتان، سرگوڌا ۽ ٻين علائقن ۾ گرمي جي شدت گهٽ نه ٿي سگهي. شهري گرمي کان بچڻ لاءِ ٿڌيون مشروبات پي رهيا آهن ۽ ٻيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪري رهيا آهن.جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي لهر جاري آهي.










