مانجهند (مهراڻ عمراڻي) جيئي سنڌ محاذ (سرور سهتوگروپ) جي مرڪزي باڊي جو اجلاس سن ۾ مرڪزي چيئرمين صوفي حضور بخش جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ فيض الله جوڻيجو، علي نواز ٻٽ، پروفيسر آزاد قاضي، آدم ٻٽ، اختر ڪاڪيپوٽو، سهيل سهتو، اشرف عمراڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هزارين سالن کان وجود رکي ٿي جنهن خلاف پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي سازشون ڪيون وڃن ٿيون. تازو ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي حمايت سان آئين جي آرٽيڪل 139 جي شق 4 تحت صوبي کان اختيار کسي مرڪز حوالي ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ته جيئن صوبي کي ورهائي سگهجي اهڙي بل جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي ان خلاف مزاحمت پڻ ڪئي ويندي. جڏهن ته جن سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بل جي مخالفت ڪئي انهن جي واکاڻ ڪيون ٿا. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي انتباه ڪيو ويو ته سنڌ دشمن منصوبن جو حصو نه بڻجي اجلاس ۾ ساڃاه وندن ۽ قومپرستن سان رابطا ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪري گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پارٽي جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم سرور سهتو جي 3 ورسي 6 نومڀر تي سندس اباڻي ڳوٺ بڌڪ جڏهن ته مرحوم قاسم پٿر جي ورسي 22 ڊسمبر تي بٺورو ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارٽي جي مرڪزي نيشنل ڪانگريس جو اجلاس دادو ۾ 16 ڊسمبر تي ٿيندو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو